گولاڙچي:پوليس جي مبينا مقابلي ۾َهاف فرائي ٿيل ڳوٺاڻو فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

گولاڙچي پوليس جي مبينا مقابلي ۾َهاف فرائي ٿيل  ڳوٺاڻو شبير شاهاڻي انڊس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ،  شاهاڻي برادري جي هڪ ڌر پاران هوائي فائرنگ ڪري شهر بند ڪرايو ويو ، گولاڙچي پوليس  دعوا ڪئي  آھي ته گولاڙچي ويجھو کهڙن جي ڳوٺ ۾ جوابدار ڌاڙو ھڻي رھيا هئا تها اطلاع تي پوليس پھتي  ۽  جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مقابلي  دوران  شبير شاھاڻي مارجي ويو، ٻئي پاسي شبير شاھاڻي جي وارثن پوليس جي دعوا کي رد ڪـندي چيو ته انهن جي نوجوان کي پوليس ھٿرادو فل فراءِ ڪري قتل ڪيو آھي،  ان ڏس ۾ شاھاڻي برادري جي مشتعل ماڻھن شھر مڪمل بند ڪرائي  شھيد فاضل راھو گيٽ آڏو ڪراچي ـ بدين قومي شاھراھ  تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو .ھوڏانھن لاش کي انڊس اسپتال بدين مان تعلقي اسپتال گولاڙچي آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد  وارثن حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.