ڀان ۾ پي ٽي اڳواڻ سان ڀيڻ جي لاڏاڻي تي اڳوڻي وڏي وزير تعزيت ڪئي

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ سيد حسن شاهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سيد محمد علي شاهه سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي، پي ٽي آءِ  سينٽرل ريجن حيدرآباد جي صدر صداقت حسين جتوئي، زئور برادري جي سردار عاشق حسين زئور، پ پ اڳواڻ عزيز الله جمالي، پريس ڪلب ڀان جي نائب صدر آدم مينگل، سيد فيصل شاهه آف سيوهڻ، سميت ٻين معززين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا گهري. پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد محمد علي شاهه سان ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيتن جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.