قمبر ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف بک هڙتال

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان شهر اندر گئس جي هٿراڌو کوٽ ۽ گهٽ پريشر خلاف گئس آفيس اڳيان ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،وقار شابراڻي،محمد جان بروهي،طفيل احمد سانگاهه،مير چانڊيو،عادل چانڊيو،عرفان علي گوپانگ،ارسلان سرفراز لاکو ۽ ٻين ٽن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪندي گئس انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي هنن چيو ته شهر جي عوام سان گئس وارن ظلم ڪيو آهي گهرو استعمال کاڌي پيتي جي ٽائيم تي گئس بند ڪري صارفين سان ظلم ڪن ٿا اهڙو ظلم پ پ شهيد ڪڏهن به برادشت نه ڪندي گئس جي نااهل راشي آفسيرن خلاف سخت احتجاج ڪندا سين شهر ۾ روزاني ماني جي ٽائيم تي گهٽ پريشر ڪري ڇڏين ٿا جنهن ڪري اسڪولي ٻارڙا بنا کاڌي جي اسڪول وڃن ٿا،هنن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي ته شهر اندر گهٽ پريشر ۽ لوڊ شيڊنگ جو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ گئس آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪيوويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.