بڊاڻي جا روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويا، ڊرينيج نظام ناڪاره، احتجاجي ريلي

بڊاڻي (ن ع آ)بڊاڻي جا روڊ رستا تباهه ۽ ڊرينيج نظام ناڪارا هجڻ ڪري جي يو آئي ۽ جي ٽي آءِ طرفان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي ريلي جامع مسجد بڊاڻي کان نڪتي جيڪا شهر جي مين بازار مان گذرندي المرتضئ ڪانٽي وٽ پهتي جتي جي يو آئي ۽ جي ٽي آئي جي اڳواڻن ميان خالد حسين ڏنگر,اسدالله ڀيو,محمد صالع ڀٽو,,مولوي مظهر علي ڀٽو حافظ منير ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل پنڌرنهن سالن کان وٺي بڊاڻي شهر سياسي مڪار بازن جي اناپرستي جي ڪري تباهي و بربادي جي ور چڙيل آهي بڊاڻي شهر جا روڊ رستا مڪمل تباه ٿي چڪا آهن بڊاڻي شهر جي مين بازار جا دڪان 3 سال اڳ ضلعي انتظاميا طرفان ڀڃ ڊاهگ ڪري پٽ ڪيا ويا هئا پر هن وقت تائين بڊاڻي شهر جي مين بازار جو روڊ ٺهي نه سگهيو آهي هنن چيو ته شهر جي مين بازار ڊرينج سسٽم ۾ ناقص مٽيريل استعمال هئڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ تباه و برباد ٿي ويو تنهن ڪري گندي پاڻي جو نيڪال ناڪاره بڻيل آهي ڊرينيج جو ٺيڪو 11 ڪروڙ ۾ منظور ٿيو پر ٽي سال گذري وڃڻ بعد به هن وقت تائين ان جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان پئسا هڙپ ڪياويا آهن ۽ من پسند ماڻهن جي گهٽين تائين نيڪال ناليون ٺهرائي سرڪاري پئيسن جو استعمال ضايع ڪيو ويو اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بخشاپور کان بڊاڻي طرف ويندڙ لنڪ روڊ به تباه ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو بي ايس گڊو فيڊر جي پل به ناڪارا بڻجي وئي آهي ڪنهن به وقت جاني نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي هنن چيو ته اسين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه  ايم اين احسان خان مزاري ايم پي اي عابد خان سندراڻي ۽ ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور نوٽيس وٺي بخشاپور کان بڊاڻي طرف ايندڙ لنڪ روڊ ۽ بڊاڻي شهر جي مين بازار جي گندي پاڻي جي نيڪال وارو ڊرينيج نالي جي ٺيڪيدار ,۽ راشي آفيسرن خلاف ايڪشن کڻي نئين سر ڪم شروع ڪرايو وڃي ورنه ٻي صورت ۾ انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.