قمبر ۾ پيرسن عورت جو پٽ ۽ نياڻي سميت مڙس خلاف احتجاج

قمبر (ڊ ر)قمبر جي پيرسن عورت سسئي بليدي پٽ گلشير بليدي ۽ معصوم نياڻي سميت پريس ڪلب پهچي پاڪ ڪتاب کڻي دانهيندي  ٻڌايو آهي ته منهنجي مٿان سهري جي چوڻ تي مڙس خادم بليدي ڪوڙو ڪارنهن جو الزام ڏئي سال اڳ پٽن نياڻين سميت گهران ڪڍي ڇڏيو هو مان وارهه ڀرسان ڳوٺ ظهور خان ۾ڀائرن وٽ رهي ٻچن سميت پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليان ٿي منهنجي مڙس خادم بليدي اڳوڻي ڌر کان ڪارنهن الزام جو وڏيري لهڻو خان بليدي کان فيصلو ڪرائي انهن کان ٽي جريب زمين چٽي ۾ ورتي، عورت سسئي جي پٽ گلشير ميڊيا کي ٻڌايو ته مون کي پنهنجو پيءُ خادم حسين، ڏاڏو مُزن خان ۽ چاچا مٺل خالد ۽ رستم وڏيري جي چوڻ تي اڪسائي چون ٿا ته ماءُ کي ڏٽو ڏئي وٺي اچ ته اسن انکي ماري خون ڪيونس، هو وڏا لالچي آهن منهنجي ماءُ کي ماري منهنجي نوجوان ڀيڻن کي پيسن عيوض کپائي ڇڏيندا، منهنجي پيءُ ڪارنهن الزام جي چٽي وٺي ٻئي شادي ڪري ڇڏي آهي، هاڻي هو مونکي به ماءُ سان گڏ مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. هنن وزير اعليٰ سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر، هاءِ ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته جان بچائي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.