اڪري ۾ مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي عورت ٿاڻي پهتي

اڪري چودڳي ( ن ع آ ) خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ تنيا بقا شاھ جي رهواسيڻ مسمات صنم ڌيءُ مشتاق لاشاري اڪري ٿاڻي تي پهچي دانهيندي چيو ته  سندس مڙس ارشاد احمد کيس مٿان روز تشدد ڪري ٿو ۽ گهر جو خرچو به نٿو ڏئي، جنهن سبب مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي اڪري ٿاڻي تي پهتي آهيان مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته مڙس کان طلاق وٺڻ بعد اڳتي پنهنجي زندگي مرضي موجب گذارڻ چاهيان ٿي، ٻي طرف اڪري پوليس موجب عورت کي وومين ٿاڻي خيرپور حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اتان کيس کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عدالتي حڪمن تحت وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.