سجاول پوليس جي ڪارروائي، 2 ٻارڙا آزاد، 2 جوابدار گرفتار

سجاول /ٻيلو(نمائندن وٽان) سجاول پوليس ڪراچي واسڻ مسمات مريم جي فرياد تي سجاول ڀرسان ٻيلو جي ڪچي واري علائقي۾ ڇاپو ھڻي  زمين تي پورھيو ڪندڙ ٻن جاڙن ٻارن 7 سالا عبدالله ۽ ايمن کي ھٿ ڪري ورتو آهي انهي سلسلي ۾ معصوم ٻارڙن جي ماءُ مسمات مريم ايس ايس پي سجاول وٽ شڪايت ڪندي ڄاڻايو هو  ته ست مهينا اڳ مڙس طارق شعيب مونکي طلاق ڏئي زبردستي ٻارڙا کڻي جبري پورھئي لاءِ وڪرو ڪيا آهن ايس ايس پي کي ڪيل اھڙي شڪايت بعد ليڊيز پوليس عملي سان گڏ ايس ايڇ او آفتاب جاگيراڻي ۽ اي ايس آئي شمس انساءَ جي اڳواڻي ۾ سجاول پوليس ٻيلو جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي ٻنهين جاڙن ٻارن ست سالا عبدالله ۽ معصوم ڇوڪري ايمن کي ھٿ ڪري ورتو آهي جڏھن ته ٻارڙن جو پي طارق شعيب ۽ ٻار وٺندڙ جوابدار سامجي ڪولهي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻنهين گرفتار جوابدارن خلاف سجاول ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي ٻارڙن جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري تي ٻارڙن جي والده سجاول پوليس جا ٿورا مڃيا جڏھن تي ايس ايس پي سجاول الطاف حسين فريادي عورت جي عزت ڪندي کيس لونگي اوڍائي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.