ڪراچي ۾ شادي هال هوادار رکڻ جي شرط تي کولڻ جي اجازت

ڪراچي(رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي  بينڪوئٽ ۽ شادي هالن کي ڪم ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي. صدر ڪراچي بينڪوئٽ اينڊ هالز ايسوسيئيشن شارق ميمڻ موجب ڪمشنر ڪراچي سان اجلاس ۾ بينڪوئٽس کي ڪم ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته بينڪوئٽس کي ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پنهنجي ڪنوپي شيڊز جو 25 سيڪڙو وينٽي ليشن بهتر بڻائڻ لاءِ لاهڻو پوندو ۽ تازو هوا جي فراهمي قائم رکڻ ايگزاسٽ فين جو استعمال ڪرڻو پوندو. شارق ميمڻ موجب ڪمشنر آفس آر سي سي ڇتين وارن شادي هالن کي وبا جي ٻي لهر دوران بند رکڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن جنهن جي پاسداري ٿيندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.