سڀاڻي پشاور ۾ جلسي جي اجازت کان انڪار، هر صورت ۾ ميدان لڳندو: پي ڊي ايم

پشاور ( م ڊ )  ضلعي انتظاميا ڪورونا وائرس جي  امڪاني ڦهلاءَ سبب پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.پشاور ۾ ضلعي انتظاميا ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ واري خطري کي نظر ۾ رکندي چيو آهي ته حڪومت عوامي اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڊپٽي ڪمشنر موجب ضلع پشاور ۾ ان وقت ڪورونا وائرس جي شرح 13 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، وڏن عوامي اجتماعن جي ڪري ڪورونا جي ڦهلجڻ جو وڏو امڪان آهي، مذڪوره صورتحال ۽ ڪورونا وائرس کان انساني زندگين کي بچائڻ جي غرض سان جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ڊي ايم انتظاميه جو فيصلو رد ڪندي چيو آهي ته پشاور ۾ جلسو ضرور ٿيندو، ڪرونا وائرس کي بنياد بڻائي ڊيڄاريو پيو وڃي. نفيسا شاهه چيو ته جتي به جلسا ڪيا، حڪومت رنڊڪ وڌي، جڏهن ڪرونا وائرس عروج تي هو، ان وقت اسڪول ۽شادي هال کوليا ويا، تازو ئي گلگت ۾ جلسا ٿيا، جڏهن معيشت تباهه ٿيندي آهي ته حڪومت ڪرونا پٺيان لڪندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.