قومي عوامي تحريڪ پاران ڪڙيو گھنور ۽ تلھار جي مسئلن جي حل لاءِ مارچ

تلھار ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪڙيو گھنور ۽ تلھار جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ  پيادل مارچ ۽ احتجاج ڪيو ويو، قومي عوامي تحريڪ جي تعلقي اڳواڻ اعجاز احمداڻي جي اڳواڻي ۾ بڙ چوڪ کان فاروق اعظم چوڪ تائين پيادل مارچ ڪيو ويو ،  ان سلسلي ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڪڙيو گھنور اسپتال ۾ ايمبولينس جي ڪائي سھولت ناھي جڏھن ته اتي جا مسڪين ماڻھو علاج لا۽ دربدر آهن جڏھن ته ڪڙيو گھنور ڪاليج جو تعميراتي ڪم به رولڙي جو شڪار آهي، ،تلھار  شهر به گئس لوڊ شيڊنگ سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آھي، هنن سنڌ جي وڏي وزير۽ اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪڙيو گهنور ۽ تلهار جي شهرين جي بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.