حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ طرفان سر موڙ صحافي رشيد راڄڙ جي ٽين ورسي تقريب

حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ طرفان سنڌ جي سر موڙ صحافي رشيد راڄڙ جي ٽين ورسي تقريب پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملھائي وئي جنھن ۾ وڏي انگ دوستن مٽن مائٽن رشيد راڄڙ جي گھر. ڀاتين سميت صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پاڪستان يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري ۽ سينئير صحافي خالد کوکر ، ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، سينيئر صحافي اقبال ملاح,مرحوم رشيد راڄڙ جي وڏي نياڻي رباب راڄڙ, نعمت کھڙي ۽ ٻين چيو ته اڄوڪي سنڌ جي حالتن ۾ رشيد جي وڏي کوٽ محسوس ٿي رھي آھي .ھنن چيو ته اسان جو صحافت ۾ اچڻ حادثاتي آھي،اسان صحافت ۾ پڻ سياست جيان خواب کڻي نڪتاسين ،رشيد راڄڙ جون پاڙون وطن جي اندر ھيون ، راڄ ڀاڳ وارو عزتن جو رکوالو ھيو ، اسان ھڪٻئي جي محبتن جا امين هئاسين، هنن چيو ته رشيد راڄڙ صحافي ساڻ گڏ آرٽسٽ به ھو ، سچ لکندو هو هنن چيو ته رشيد راڄڙ جي لکڻين ۾ چس ھو ، ھو چاھيندو ھو ته روز نيون اخبارون نڪرن ، ھنن چيو ته رشيد راڄڙ پورھيت مظلوم ماڻھن جي چونڊ ڪئي هو فقير ماڻھو ھو جيڪو اسان کان ڪڏهن نه وسرندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.