”افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي“

ڪابل(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

افغانستان جي دوري بابت بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته افغان امن عمل بابت دوحا ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ امن عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جڏهن ته وزير اعظم عمران خان جي ڪابل جي دوري جو مقصد ساڳئي پيغام جو عڪس آهي ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو پورو سهڪار جاري رکندو.

هن چيو ته ڪابل دوري سان پاڪ افغان ٻطرفن لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ آهي، ٻطرفو اقتصادي سهڪار وڌائڻ تي افغان قيادت سان اهم ويهڪون ٿيون.

پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان وزير اعظم عمران خان جي ان دوري جو منتظر هو، وزير اعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.