ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ شدت، هڪ ئي ڏينهن اندر 36 ڄڻا فوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار کان ٽپي ويو جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 36 ڄڻا ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 738 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 68 هزار 665 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 33 هزار 562 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 27 هزار 542 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 36 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 7 هزار 561 ٿي ويو.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 59 هزار 752، پنجاب ۾ 1 لک 12 هزار 893، خيبرپختونخواهه ۾ 43 هزار 359، اسلام آباد ۾ 25 هزار 719، بلوچستان ۾ 16 هزار 642، آزاد ڪشمير 5 هزار 806 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 494 انگ ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.