پنجاب ۾ شادي هالن اندر تقريبن تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت طرفان شادي هالن جي اندر تقريبن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شادي ۽ ٻين تقريبن جي اجازت رڳو کليل جاين تي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تقريبن ۾ وڌ کان وڌ 300 ڄڻن جي شرڪت جي اجازت هوندي جڏهن ته کليل جاءِ تي تقريبن ۾ به ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ لازم هوندو ۽ تقريبن کان سواءِ عوامي ماڳن تي به منهن ڍَڪڻ لازمي هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب شادي هالن جي اندر تقريبن تي پابندي 20 نومبر کان 31 جنوري تائين لاڳو رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.