ڀان سيد آباد: صحافي کان ڦر ۽ تشدد خلاف صحافين جو احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد ۾ صحافي عبدالڪريم جمالي کان ڦر ۽ تشدد واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ايس ايڇ او ڀان خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  ، صحافين پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار مينگل، آصف علي ميمڻ، آدم مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظآهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي صحافي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايس ايڇ او ڀان سيدآباد عزيز سيهڙو صحافي عبدالڪريم جمالي سان پيش آيل واقعي بابت ڪو به تعاون ڪرڻ لاء تيار ناهي،  انهن چيو ته صحافي عبدالڪريم جمالي کان ڦر ۽ تشدد جي واقعي کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ، انهن چيو ته صحافين کي تحفظ نه مليو ۽ جوابدار گرفتار ڪري ڏوهه واپس نه ڪرايو ويو ته  احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.