حيدرآباد ۾وٽرنري ايسوسيئيشن جو ڊي جي لائيو اسٽاڪ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ پاران ڊي جي لائيو اسٽاڪ جي مبينا ڪرپشن ۽ ايس اين اي اچڻ باوجود خالي ڪيل پوسٽن تي ملازم ڀرتي نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مرڪزي صدر عبدالغفار سومرو، انور جمالي، غلام حيدر پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ پاڪيٽ يونين جي قائم ڪرڻ لاءِ سپوا جي مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻن کي بليڪ ميل ڪري بدليون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ ۽ ڊائريڪٽر بريڊنگ جي عهدن تي هڪ ئي وقت تي مقرر ٿيل آهي. هنن چيو ته سينيئر آفيسر جي موجودگي باوجود جونيئر آفيسر حڪم هلائي رهيو آهي.هنن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ 2014 ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ ۽ سپوٽنگ اسٽاف جي خالي پيل 350 ملازمن جي ڀرتي جي منظوري ڏني هئي پر نااهل آفيسر هجڻ سبب انهن خالي پيل جاين تي ڀرتيون نه ٿي سگهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ هڪ ئي وقت تي 2 پوسٽن تي ويٺل ڊي جي کي هٽائي ملازمن جون جبري بدليون بند ڪيون وڃن.17

لاڙڪاڻي ۾ نابين نوجوانن طرفان نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نابينن نوجوانن جي تنظيم پاڪستان ايسوسئيشن آف دي بلائينڊ طرفان وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ نابين ۽ معذورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙن گلشير علي سولنگي، اطهر علي موريو، شعيب علي ابڙو، منصور الدين ٽاٽڙي، فرمان علي ميراڻي، شفيق احمد جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت طرفان سمورن کاتي ۾ 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر گذريل 10 سالن کان وٺي لاڙڪاڻي جي نابين ۽ معذور نوجوانن کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڪو نه ملي سگهيون آهن. هنن چيو ته اسان جي تعليم مئٽرڪ کان ايم اي تائين هئڻ سان گڏ سي آءِ ٽي، ٽيليفون آپريٽر، بريلي ٽريننگ، سنت الفراغ، حافظ قرآن، حسينه قراط، ميوزڪ، بي ايڊ، سي ٽي، ايم ايڊ سميت ٻيا ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت جي زراعت، روينيو بورڊ، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز، ليبر، فوڊ، ڪاليج ايجوڪيشن، هيلٿ، اوقاف، ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي، سنڌ پوليس سميت ٻين صوبائي توڙي وفاقي کاتن جي تحت معذور ڪوٽا جي نوڪرين لاءِ درخواستون اماڻي انٽرويو به ڏنا پر هن وقت تائين اسان کي نوڪريون نه ملي سگهيون آهن. هنن وزيراعظم عمران خان، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تي عمل درآمد کي يقيني بڻائي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

خانپور مهر ۾ صفائي ڪرائي وئي

خانپورمهر (ن ع آ)خانپورمهر جي وارڊ نمبر 5 ۾ پ پ ٽائون خانڳڙهھ جي نامزد اميدوار حفيظ الله گڏاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري ذوالفقار مهر پاران ٽائون عملو ساڻ ڪري سموري وارڊ جي ميراڻي، مهر محلي،مهر محلي،مينگهواڙ محلي ٻين محلن جي  گهٽين ۾ صفائي ڪرائي وئي،ان موقعي تي وارڊ نمبر 5 جي نامزد اميدوار حفيظ الله گڏاڻي جو چوڻ هو پ پ سٽي خانپورمهر جي صدر عبدلعزيز مهر جي هدايتن تي وارڊ جي صفائي سٿرائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن، ڪيترائي ڪنيڪشن ڪٽيا ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ڊي او امپائر سب ڊويزن منظور مصطفيٰ جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي چورين ۽ غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشنن خلاف آپريشن ڪري ڪيترائي بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا آهن. ان حوالي سان ايس ڊي او امپائر سب ڊويزن منظور مصطفيٰ چيو ته اي سي پرويز ڦلپوٽو جي هدايتن تي امپائر سب ڊويزن جي علي گوهر آباد، قافلا سراءِ، سميع آباد، يوسف ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ ڪافي ڏينهن کان وٺي آپريشن هلندڙ آهي جيڪي شهري بجلي چوري ڪن ٿا اهي پنهنجي قوم سميت ملڪ جو نقصان ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شهرين کي گهرجي ته هو قانوني طريقي سان ميٽر لڳرائن ته جيئن کين بهتر نموني سان بجلي فراهم ڪري سگهجي. آپريشن دوران لائين مين غلام دستگير ابڙو، لائين مين امجد علي ڌامراھ سميت سيپڪو عملي آپريشن ۾ حصو ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.