لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پيراوٽنري ايسوسيئشن جي سڏ تي ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي محمد مريد جوڻيجو، ولي محمد ڀٽو، غلام اصغر سولنگي، ممتاز ڪنڀر ۽ ٻين چيو ته ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ سنڌ سمورن ملازمن کي تنگ ڪري جبري بدليون ڪري رهيو آهي، ٻن سالن کان کاتي جي ملازمن جي پروموشن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، هنن وڏي وزير، لائيواسٽاڪ اينڊ فشريز کاتو جي وزير، سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ کي هٽائي ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.