سکر پوليس جو شڪي مقابلو، هڪ ڄڻو هاف فراءِ

سکر( رپورٽر) سکر پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، خبرموجب سکر پوليس جي ترجمان مير بلال  لغاري پاران جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون دعويٰ ڪئي آهي ته روهڙي لڳ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان مقابلي دوران بدنام ڏوهاري عرفان انصاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ڏوهاري جي قبضي مان سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد پراڻو سکر واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ ڦر ٿيل رڪشا، ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي. جوابدار خلاف سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. گرفتار ڏوهاري کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.