سردار محمد بخش مهر طرفان ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

خانپورمهر(رپورٽر) پ پ ايم اين اي ۽ مهر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مهر پاران ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي فائرنگ جي مذمت ۽2 فوجي جوانن جي مارجي  وڃڻ تي ڏک جو اظھار ڪيوآهي  سردار محمد بخش خان مهر چيو ته فوجي جوانن جي شھادت تي انتهائي ڏک ٿيو آھي سندن وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون .

گهوٽڪي ۾ ليٽرين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا مهم

گهوٽڪي (ڊ ر) دنيا ۾ ليٽرين جي عالمي ڏهاڙي تي خانڳڙھ تعلقي اندر سماجي تنظيم سافڪو پاران يونيسيف جي تعاون سان جاڳرتا مهم هلائي وئي.يونين ڪائونسل خانپورمهر  گورنمينٽ بوائز پرائمري  اسڪول گلزار مهر، ۽ يونين ڪائونسل لوهي جي ڪمال خان گبول اسڪول ۾ به مهم هلائي وئي ان موقعي تي سافڪو خانڳڙھ پاران ضلعي ڪوآرڊينٽر شعيب احمد، مانيٽنگ آفيسر طارق لکڻ،فيلڊ آفيسر ارباب شاھ،ميڊم ليله عباس ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي  جڏهن ته سماجي تنظيم پاران مختلف اسڪولن جي شاگردن سان گڏجي ليٽرين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريليون پڻ ڪڍيون ويون.

ڊکڻ ۾بدامني، شاعر کان ڦر جي ڪوشش، مينهن چوري

ڊکڻ ( ن ع آ )  ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۾ واڌ ٿي وئي آهي، خميس واري رات جو دير سان نئونديرو کان شڪارپور ويندڙ نامور شاعر ذوالفقار علي منگي کان ڊکڻ ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو-شڪارپور انڊس هاءِ وي تي لکي واھ وٽ نامعلوم هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي،جڏهن ته گاڏي نه بيهارڻ تي هٿياربندن سندن جي گاڏي مٿان مبينا فائرنگ ڪري ڏني،پر گاڏي ۾ سوار سمورا ماڻهو محفوظ رهيا،هوڏانهن ڊکڻ لڳ ڳوٺ پير بخش ٿهيم مان نامعلوم چور چڱي مڙس عنايت الله ٿهيم جي مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا،جڏهن ته ڀاڳين پاران کڻايل پيرا پيرچنڊام لنڪ روڊ تي گم ٿي ويا،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته شاعر ذوالفقار منگي سميت ڪنهن کان به ڦر ناهي ٿي،

خيرپور ۾ ڏياري ملهائڻ لاءِ  تقريب، وڏي انگ ۾ هندو، مسلم شريڪ

خيرپور ( ڊر)  هندوبرادري پاران ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ لاءِ شاندار تقريب مقامي هال ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جا خاص مهمان ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي، پريس ڪلب جو سرپرست خان محمد  خان هئا، ڏياري تقريب کي آجياڻي وارو خطاب نانڪ سنگهه ڪندي آيل مهمانن جو شڪر ادا ڪيو،تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي خيرپورامير سعود مگسي، پريس ڪلب جي سرپرست خان محمد خان  ،حنيف عباسي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته دنيا ۾ مذھبي نفرتون ڦهلائيندڙ لاءِ  هي تقريب مثال آھي جنهن ۾ ھندو ۽ مسلم ڀائر شانه به شانه شريڪ آھن هنن خيرپور جي شھرين پاران عيد ۽ ڏياري جي خوشين ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ شرڪت ڪري هڪٻئي جي خوشين کي رنگ ڀريندا آھن هنن چيو ته خيرپور پوليس ۽ خيرپور جي ميڊيا جو خيرپور ضلعي ۾ امن کي يقيني بنائڻ لاءِ هميشه ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي جيڪا جدوجهد مستقبل ۾ به جاري رکي ويندي، تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جا ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي انجمن تاجران جي صدر حاجي عبدالغفار شيخ ، حاجي الطاف ميمڻ، مظفر علي ، واپاري اڳواڻ حنيف عباسي،گرمگ ماکيجا، سيٺ پپن مل سيٺ جئي ڪمار مظفر چنا حنيف عباسي ۽ ٻيا موجود هئا.

اوٻاوڙي ۾ مقامي نوجوانن جو روزگار نه ملڻ خلاف احتجاج

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙو ۾ ٽن شگر ملن ۾ پنجاب جا ماڻھون ڀرتي مقامي نوجوانن کي روگار نه ملڻ خلاف انڊس ڪانگريس جي ڪارڪنن جو بھادر لولائي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو جيڪو  ڊگري ڪاليج  شھر جي مين رانوتي روڊ کان ٿيندي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو جي  آفيس پھچي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا شگر ملن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيو ڌارين جي ڀرتي بند ڪريو جا زوردار نعرا ھڻندا رھيا ان موقعي تي بھادر لولائي جاويد ڪلھوڙو ڪامران دايو سراج احمد گرگيج  ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اوٻاوڙي تعلقي ۾ ٽي شوگرملون آھن مگر انھن تعصب جي بنياد تي مقامي نوجوانن کي نظرانداز ڪندي پنجاب جا سوين ماڻھون ڀرتي ڪري ڇڏيا آھن اسين شوگر مل انتظاميا جي اھڙي تعصب جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا سنڌ ۾ ھلندڙ شوگر ملن ۾ ٻاھر جا ماڻھون ڀرتي ڪري سنڌ جي گريجوئيٽ بيروزگار نوجوانن جو معاشي قتل عام ڪري رھيا آھن ضلعو گھوٽڪي صنعتي زون آھي.  پر سنڌ جي بيروزگار نوجوان لاءِ سڀني صنعتي ادارن جا دروازا بند آھن ھر جاءَ پنجاب جي لوڌ سريعام ڀرتي ڪئي پئي وڃي ھتان جا چونڊيل نمائيندا ڊي سي گھوٽڪي اي سي اوٻاوڙو به شوگرملن جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، مقامي بيروز گار نوجوان نڏڻڪن وانگر در در جون ٽوڪرون پيا کائن. هنن وزيراعليٰ سنڌ ۽ سنڌ جي اعليٰ حڪام کان اپيل ٿاڪريون ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جي واھر ڪري شوگر ملن جي انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ان ۾ مقامي نوجوانن کي جلد روزگار فراھم ڪيو وڃي.

ڪنڌڪوٽ ۾ڏوهاري زخمي حالت ۾ پڪڙڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن پوليس جو مبينا مقابلو هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ لوھي پل واري علائقي ۾ ڏوه جي ارادي سان  ايندڙ ڏوھاري ۽ اي سيڪشن پوليس جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ھڪ ڏوھاري عبدالڪريم گولو کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال پھچايو ويو پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ڏوه جي ارادي سان بيٺل هو هن پوليس کي ڏسي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار زخمي ٿي پيو.  پوليس جو چوڻ هو ته زخمي جوابدار ڏوهن جي واقعن ۾ گھربل ھو سندس جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهي ته جوابدار کي پوليس هاف فرائي ڪيو آهي.

چيلهار ۾ پورهيت جي گهر کي باهه

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار جي ٿاراڻي  پاڙو ۾ اوچتو لوڻو ميگھواڙ جي گھر ۾ ٺھيل ڪکائنو چوئنري کي اوچتو باھ لڳي وئي باھ لڳڻ جي  نتيجي ۾ چوئنري ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو جڏھن تي باھ جو اطلاع ملڻ شرط ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي حڪدم فائربرگيڊ گاڏي سميت ٽائون عملو موڪلي باھ تي ظابطو آندو جنھن سبب باھ وڌيڪ ڦھلجڻ کان رڪجي وئي .

بدين ۾ وائلڊ لائيف جي پکين جو شڪار ڪندڙن خلاف ڪارروائي

بدين ( ڊ ر ) بدين ۾ پکين جوغير قانوني  شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف ڪارروائي  وائلڊ لائف کاتي. جي ڊسٽرڪٽ  انچارج  سريش ڪمار ٻن شڪارين  عرس ملاح ۽ الھبخش ملاح  گرفتار ايف آءِ  آر داخل عدالت  ۾ پيش ڪرڻ دوران ٻنهي تي ويھه ھزار روپيا ڏنڊ ڀري ڏيڻ بعد کين آزاد ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.