غوثپور ۾ بد امني، ڦرلٽ معمول، ڳوٺاڻن جو احتجاج

غوثپور( ن ع آ )  جمال جي علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي چوري جا واقعا روزانو معمول بڻيل ايس ايڇ او جمال خلاف ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ڏوهارين جمال واسي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو  پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار 4 ڏينهن اڳ جمال پوليس پڪٽ جي حد ڳوٺ عبدالرحيم ننداڻي ۾نامعلوم چورن پاران جان محمد نندواڻي جو ٽريڪٽر چوري  خلاف  ڳوٺاڻن پاران غوثپور ڀرسان انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جان محمد، غلام حسين نندواڻي جي اڳواڻي ۾جمال پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻوھنيو. انڊس هاءِ وي ھڪ ڪلاڪ بلاڪ ٿيڻ سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت 3صوبن جي ٽريفڪ بھجي وئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مسافرن کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڳوٺاڻن جو ٽريڪٽر جي برآمد ٿيڻ جو مطالبو.  . مظاھرين وٽ ايس ايڇ او غوثپور پھچي ٽريڪٽر واپس ڪرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ انڊس هاءِ وي کولرايو ويو.  جمال پوليس پڪٽ جي حد ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه اچي سگهيو ھر روز جو چوريون معمول بڻيل آهن ايس ايڇ او جمال ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪئي روزانو چوري ڦر جا واقعا معمول بڻيل . ڳوٺاڻن توڙي علائقي واسين جو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان امن امان ڪرائڻ ۽ ايس ايڇ او کي بدلي ڪري ٻيو ڪو نئون ايماندار ايس ايڇ او تائنات ڪري ٽريڪٽر  جلد واپس ڪرائڻ جو مطالبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.