خانپور مهر لڳ مينهن چوري، جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي، ڌرڻو

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر لڳ ڳوٺ جيوڻ ملڪ مان رات جو ڳوٺاڻي اربيلو ملڪ جي گهرمان نامعلوم چورمينهن ڪاهي ويا ڳوٺاڻن   چورن جو  پيرو کڻي ڳوٺ لونگ گڏاڻي ۾ هنيو جتي ڳوٺ لونگ گڏاڻي جي ڳوٺاڻن ۽ پيرو کڻي ايندڙ ملڪ برادري جي ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو. نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا اربيلورڱ، رحيم، عظيم ۽ سڀاڳو ملڪ زخمي ٿي پيا جنهن بعد ملڪ برادري جي ڳوٺاڻن چوري ٿيل مينهن جي واپسي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ميرحسن ملڪ ،منظور ملڪ، صغير۽ ابراهيم ملڪ جي اڳواڻي ۾خانپورمهر سرداڳڙهه روڊ تي ماڪاهي پل وٽ رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب علائقي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، هر آئي ڏينهن چوريون توڙي ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.