ٺل ۾ بدامني خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

ٺل (ن ع آ)ٺل جي جونگل موڙ جي رهواسين موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري  ٽائرن  کي باهيو ڏئي ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين پوليس جي نااهلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقئي تي احتجاج ڪندڙن الله بخش ٻرڙو،خدا بخش۔در محمد۔سوداگر ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيو ته ٺل شهر ۾ چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويون آهن،پوليس رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف آهي عوام جي ڪنهن کي به پرواھ ناهين اسانجي رات موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي آهي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪابه ڪاروائي ناهين ڪئي وئي،پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي خاطري ڪرائي ته توهان جي جلد موٽر سائيڪل کي ڳولي اوهان کي واپس ڪئي ويندي اهڙي خاطري تي مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.