لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀيل ٽن نوجوانن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارث عورتن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪريعلامتي بک  هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي درزي انصاف دايو کي سندس دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن کي 3 سال ساڍا 5 مهينا گذري ويا آهن، جڏهن ته گذريل 23 آگسٽ تي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان لاڙڪاڻي واسي کنڀي گم ڪيل ٻن درزي ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو 2 مهينا 26 ڏينهن گذري ويا آهن، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي. هنن چيو ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ سخت پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل 3 نوجوان پورهيو ڪري پنهنجي خاندانن جو پيٽ گذر ڪندا هئا، جن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، پر افسوس جو اسان جي هن حال تي ڪنهن کي به رحم نه ٿو اچي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.