ڪوٽڏيجي لڳ اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي، وارثن جو ٽنڊو مستي ۾ احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ )ٽنڊومستي  پريس ڪلب تي  ڪوٽڏجي جي ڳوٺ بيگو خان چانڊيو واسين جو 3 مهينا اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ناري جي بازيابي ۽ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺاڻن   علي حسن چانڊيو، ناري جي ماءُ  اسما ۽ ۔محمدبشير ، نادر علي، راجهن خان، عبالستار ۽ ٻين پاڪ پاڪ ڪتاب هٿن تي کڻي  ننڍن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي اکين مان لڙڪ ڳاڙيندي صحافين اڳيان داهيندي ٻڌايو ته  3 مهينا اڳ اسان جي برادري جي بااثر جوابدار عبدالجبار ، رياض چانڊيو، بادل چانڊيو ۔شاهد علي ۽ ٻين گهر اندر گهڙي 12 ساله ناري ڪرشما ڌيءَ علي حسن چانڊيو کي هٿيارن جي زور تي لغوا ڪري ويا جنهن جي ايف آءِ آر ڪنب ٿاڻي تي جوابدارن خلاف داخل ٿيل آھي تنهنجي باوجود به ڪنب پوليس هن مهل تائين اغوا ٿيل ناري بازياب نه ڪرائي سگهي ۽ بااثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي.  جنهن ڪري ناري جي اغوا ۾  ملوث جوابدار۽ انهن جا ساٿاري گل محمد چانڊيو ، بادل چانڊيو، شاهد ۽ ٻيا اسانکي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ناري بازياب ڪرائي ڏين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.