سيف اسڪولن جو تعداد ٻيڻو ڪيو ويندو: عبدالڪبير قاضي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالڪبير   قاضي ايندڙ 5 سالن ۾ اسڪولن ۽ شاگردن جي  تعداد ٻيڻ تي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني ۾ 18 سئو اسڪول ڪم ڪن پيا، جن ۾ ساڍا 4 لک کان وڌيڪ ٻار معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهڙو اظهار هن ڪالهه عوامي آواز جي ٽيم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ايم ڊي عبدالڪبير  قاضي وڌيڪ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پوري صوبي اندر ڪم ڪيون پيا، هارڊ ايرياز حڪومت توڙي سيف لاءِ وڏو چئلنج آهن، ان ڪري اهڙن علائقن وارن اسڪولن کي اضافي فنڊ ڏنا ويندا، جئين اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هن چيو ته ٿرپارڪر، بدين، سانگهڙ ۽ دادو جا ڪجهه علائقا گهڻا مشڪل آهن، ان باوجود به هر ممڪن ڪوشش ڪري ٻارن کي تعليم سان نوازيون پيا، هن چيو ته 2017 کان اسڪالرشپ جو پروگرام شروع ڪيو، 3 هزار ٻارن کي اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون، شاگرد ڊاڪٽر اي ڪيو خان، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، گڏاپ پبلڪ اسڪول، ميرپورخاص پبلڪ اسڪول ۽ اين جي وي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهن پيا، ان پروگرام کي وڌائيندي هاڻي گرلز ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاهه ۽ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي سان به ايم او يو ڪيو ويندو، جئين نياڻين کي اسڪالرشپس تي موڪليو وڃي.هن چيوته غريب ٻارن کي سنڌ سرڪار ڌار انڊومينٽ فنڊ ذريعي مدد ڪندي آهي، سيف في ٻار لاءِ 7 سئو رپين تائين رقم ڏئي ٿي، هاڻي هارڊ ايريا جو الائونس به ڏينداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر قاضي ڪبير  چيو ته ايندڙ 5 سالن جي پلان ۾ اسڪولن ۾ انرولميٽ 10 لک تائين ڪرڻي آهي، معيار کي به نظر ۾ رکڻو آهي، ان لاءِ 12 سئو کان 15 سئو اسڪول به نوان شامل ڪنداسين، ان لاءِ مرحلو شروع ڪيو ويو آهي .

سيف ملازمن کي ايندڙ سال پڪو ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي ڪبير قاضي چيو آهي ته سيف جي سمورن ملازمن کي ريگيولر ڪيو ويندو، هن چيو ته 1992  کان ڪم ڪندڙ اداري سيف ۾ 550 کان وڌيڪ ملازم آهن، جيڪي سڀ ڪانٽريڪٽ تي آهن، هن ڪوششون وٺي سيف جا سروسز  رولز ٺاهي ورتا آهن، انهن جي بورڊ کان منظوري وٺڻ بعد ايندڙ سال تائين سمورن ملازمن کي ريگيولر ڪيو  ويندو .

40 انگلش ميڊيم اسڪول جلد آپريشنل ٿي ويندا: ايم ڊي سيف

ڪراچي: سيف جي ايم ڊي ڪبير قاضي چيو آهي ته  ڪورونا جي ڪري سيف جا پراجيڪٽ ۽ ڪم متاثر ٿيا آهن، سنڌ سرڪار سيف کي تقريبن 10 ارب رپيا فنڊ فراهم ڪري ٿي، هن عوامي آواز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سيف جا 40 انگلش ميڊيم اسڪول جلد آپريشنل ٿي ويندا، ان لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه 40 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.