گلگت اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ونگ قرار، حڪومت جنوري تائين مهمان آهي: بلاول

گلگت ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان وٽ جلسن،لانگ مارچ ۽ استعيفائن جا آپشن موجود آهن،موجودهه حڪمران ايندڙ جنوري تائين جا مهمان آهن.گلگت بلتستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  بلاول چيو ته گلگت ۾ حڪومتي ڌر هر ميمبر  کي چئي رهي آهي ته کيس وڏو وزير بڻايو ويندو.هن چيو ته حڪومت هينئر تائين فيصلو نه ڪري سگهي آهي ته گلگت بلتستان جو وڏو وزير ڪير ٿيندو.بلاول چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ حڪومت سان مليل آهي، اسان جلد اليڪشن ڪمشنر جي حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتن جاتفصيل ظاهر ڪنداسين،هن چيو ته آزاد اميدوار رڳو جنوري تائين جو انتظار ڪن، ڇا هو ٻن مهينن لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيندا؟پ پ چيئرمين چيو ته اسان سرڪاري چونڊ نتيجن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، هينئر تائين سرڪاري نتيجن جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اسان ته پهريان ئي چيو پئي ته اليڪشن ڪميشن حڪومت سان مليل آهي،اسان جوخدشو صحيح ثابت ٿيو.هن چيو ته هينئر اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجا ظاهر ڪرڻ بدران  پي ٽي آءِ حڪومت جوڙڻ لاءِ مصروف آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت جي چونڊن ۾ عورتن کي به ووٽ وجهڻ نه ڏنا  ويا.هن چيو ته گلگت جي اڪثريت  پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي،اسان گلگت جي معاملي کي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان سموري ملڪ ۾ کڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.