پاڪستان ۾ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي مُلهه ۾ لاٿ جو رجحان جاري آهي ۽ اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 100 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 12 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 86 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 96 هزار 622 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 16 ڊالر گهٽجڻ سان هڪ هزار 859 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.