شهباز شريف کي بڪتربند ۾ نه آڻڻ ۽ بلٽ پروف گاڏي فراهم ڪرڻ جو حڪم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالت مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي بڪتربند گاڏي ۾ پيش ڪرڻ کان روڪيندي کيس بلٽ پروف گاڏي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن ن ليگ صدر شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ عدالتي حڪم تي گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي پيش ٿيا.

عدالت شهباز شريف جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي پوليس اختيارين کي کيس بڪتربند گاڏي ۾ عدالت آڻڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي بلٽ پروف گاڏي به فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

گڏوگڏ عدالت حمزا شهباز کي به بڪتربند گاڏي ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

واضح رهي ته پوليس اختيارين شهباز شريف کي بڪتربند گاڏي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو هو، جنهن تي ن ليگ صدر خدشن جو اظهار ڪندي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.