حويليان حادثي جو ذميوار پائلٽ نه پي آءِ اي جو انجنيئرنگ شعبو قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي آءِ اي حويليان حادثي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهاز پائلٽ جي غلطي سان نه پر ٽيڪنيڪي خرابي سان حادثي جو شڪار ٿيو، جنهن جو ذميوار قومي ايئر لائن جو ٽيڪنيڪي شعبو آهي.

سول ايوي ايشن پي آءِ اي حويليان حادثي جي حتمي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي، جيڪا 207 صفحن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ پي آءِ اي جي انجنيئرنگ شعبي کي حويليان جهاز حادثي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

سول ايوي ايشن 4 سالن کانپوءِ جاچ مڪمل ڪئي آهي، جنهن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حادثي جو ذميوار پائلٽ نه هو پر ٽيڪنيڪل فالٽ سبب جهاز ڪِري تباهه ٿيو.

رپورٽ موجب آمريڪا، فرانس ۽ ڪينيڊا کان به جواب سول ايوي ايشن کي وصول ٿي ويا آهن.

عدالت رپورٽ تي ڊائريڪٽر سيفٽي مئنيجمينٽ پي آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

جسٽس محمد علي مظفر پڇاڻو ڪيو ته حادثي جو ذميوار ڪير ۽ ڪنهن جي غفلت آهي؟ ان تي ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن بورڊ ايئر ڪموڊور عثمان غني ٻڌايو ته رپورٽ ۾ شامل ڪجهه شيون پبلڪ نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته عالمي معيار موجب جاچ ڪئي وئي آهي.

ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن ٻڌايو ته وڌيڪ حادثن کان بچڻ لاءِ سفارشون ۽ تجويزون به ڏنيون ويون آهن.

پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته 7 ڊسمبر 2016 ۾ چترال کان اسلام آباد اڏام ڪندڙ پي آءِ اي جو اي ٽي آر جهاز حويليان ڀرسان ڪِري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ مشهور نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس گهرواري سميت 47 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.