سکر : خورشيد شاهه خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي

سکر  جي احتساب عدالت ۾ پ پ ايم اين اي  خورشيد احمد شاهه خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا  رکڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ، خورشيد احمد شاهه کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمولينس وسيلي   احتساب عدالت ۾ آندو ويو ، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ،  آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ نامزد ڪجھ جوابدار پيش نه ٿيڻ سبب عدالت  ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، ان موقعي تي

ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هن تي سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ، سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ، هن جو ڪيس اوپن ڪري اعلي عدالت ۾ ھلايو وڄي ، خورشيد شاھ چيو ته گلگت بلتستان جي عوام  پي ٽي آئي کي رد ڪيو ، پي ٽي آئي ڌانڌلي ڪري رات جي اونده  ۾ نتيجا تبديل ڪرايا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.