گهوٽڪي ۾ڊينگي ۽ مليريا ڪيسن ۾واڌ

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ، ميونسپل ڪميٽي پاران شهر جي سمورن محلن ۾ اسپري ڪرائڻ جو فيصلو، ڊي ايڇ او کي خط لکي اسپري جو پلان جوڙيو ويو، خبرن موجب گهوٽڪي شهر ۾ مليريا ۽ ڊينگي وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ بعد ميونسپل ڪميٽي پاران شهر جي سمورن پاڙن ۾ اسپري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سي ايم او نادر شاهه امروٽي پاران صحت کاتي جي ڊي ايڇ او کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو آهي ته 23 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين شهر جي 14 وارڊن ۾ ايندڙ پاڙن ميراڻي محلا، قادريه فيڪٽري، مغل ڪلوڙ، ريلوي اسٽيشن، ايريگيشن ڪالوني، گهوٽا مارڪيٽ، مين چوڪ، ٽنڊو شهباز، آفتاب ڪالوني، گڏاڻي پاڙو، ميمڻ پاڙو، لاکا محلا، بينظير ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ اسپري ڪيو ويندو.، جنهن لاءِ تيل جي فراهمي به ميونسپل ڪميٽي ڪندي.

ڪامريڊ اظهر جا هارين لاءِ ڪارناما هميشه ياد رهندا: اڳواڻ

سکر(رپورٽر) سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽي ڪامريڊ  اظھر جتوئي جي وفات تي سکر ترقي پسند الائنس جي سيڪريٽري ارشاد پيرزادي، ڊپٽي سيڪريٽري علي مردان شيخ، ميڊيا ڪوآڊينيٽر مجيد نواز مغل اڳواڻن گلشير شر، عتيق سومري ۽ ٻين گڏيل بيان ۾ گھري ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته  ڪامريڊ اظھر جي ھارين لاءِ ڪيل ڪارنامن کي ھميشه ياد رکيو ويندو، ھن سنڌ جي مسڪينـن ۽ ھارين جي مختلف مسئلن تي عملي جدوجھد جو مظاھرو ڪيو، سندس وفات سان سنڌ جي ھاري تحريڪ ۾ وڏو خال پيدا ٿي پيو آھي، جيڪو ڀرجڻ مشڪل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.