موري ۾بدامني، چوري ٿيل مينهن جي واپسي لاءِ عورت عدالت پهتي

مورو (ت ر) مورو ڀرسان ڏيپارجا،ملڪ،نوان جتوئين،پرڻ،۽ ننڊن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏوھارين جو راڄ بڻجي ويو،موٽر سائيڪلون،سولرون پليٽون،پاڻي وارا موٽر،ڪارون،مينھون، چوري ٿيڻ لڳيون، علائقو غير محفوظ بڻجي ويو،سيارو ايندي ئي ڏوھ وڌي ويا،وارڌاتون روز جو معمول بنجي ويون،ماڻھو راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور،ڳوٺ گل محمد ڀٽي مان ڪجھ ڏينھن اڳ چوري ٿيل مينھن جي وارث عورت جو نوان جتوئين پوليس خلاف  احتجاج ڪيو، متاثر عورت صدوري ڀٽي،پنھنجي سينيئر وڪيل گلزار عالماڻي،سليم ڀنگرسان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت نوان جتوئين پوليس انتظاميا ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي، چوري ٿيل مينھن ڪيترن ڏينھن گذرڻ باوجود ب واپس ناھي ٿي پوليس دلاسا ڏئي واپس ڪري ٿي ۽ ڏٽا ڏئي مايوس ڪيو آھي،ان لائي ڪورٽ جو در کڙڪايو آھي، ھن  چيو ت  نوان جتوئين پوليس ڏي انصاف لائي  بار بار وڃڻ بعد ب چوري ٿيل مينھن واپس ناھي ڪرائي وئي، غريب مسڪين آھيان گذر، سفر گھر جو مينھن تي آھي کير کپائي گھر جو گاڏو ھلائيندي آھيان،چورن مينھن چوري ڪري ظلم ڪيو آھي،مينھن واپس ڪرائڻ لائي قرآن پاڪ مٿي تي کڻي گھمايو آھي،پر ڪير ٻڌڻ لائي تيار ناھي،مان سنڌ جي وڏي وزير،آجي سنڌ ،ڊي آئي جي بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ اعلا عدالتن کان مطالبو ڪيون ٿا ت نوٽيس وٺي مينھن واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.