گولاڙچي ۾ سم نالن جي کاٽي نه ٿي، ڪروڙين رپيا خرچ، هزارين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ

گولاڙچي)  رپورٽ : عيدن زيندپور ) گولاڙچي جي ساحلي پٽي امير شاهه سم نالي کان ڪاري گونگڙي ۽ سم نالن واهن شاخن جي آخري سمنڊ ۾ ڇوڙ واري نريڙي ڍنڊ تائين جدوجهد ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن مولوي فتح محمد مهيري ،تنوير رهاڻ ،علي محمد مري ۽ ٻين پاران صحافين کي سم سم نالن جو دورو  ڪرايو ويو آهي ،ان موقعي تي ڪميٽي اڳواڻن صحافين کي بريفينگ ڏيندي چيو آهي ته امير شاهه سم نالي جي پوڇڙ ۾ 2011 واري ٻوڏ کان پوءِ کاٽي نه ٿي سگهي آهي نه ئي بند مضبوط ڪيا ويا آهن آر ڊي ون کان 30 آر ڊي ۽ ڪاري گونگري کي چاليهه آر ڊيز آهن ڦليلي امير شاهه سم جي آخري نريڙي ڍنڊ تائين کوٽائي نه ٿيڻ ڪري امير شاهه سم نالو اوور ٿي وڃي ٿو جنهن جو پاڻي آر ڊي ون ڦليلي واپس وهڻ لڳندو آهي جنهن سبب ڪري ڪيترائي علائقا  زير آب ٿين ٿا ،،هر سال مشينري اچي ٿي جيڪا چند آر ڊين جي کوٽائي ڪري فارميلٽي فوٽو سيشن ڪري واپسي روانو ٿيو وڃن ،هر سال نالين جي کوٽائي لاءِ اربين رپين جي بجيٽ اچي ٿي جيڪا ڪاغذي خرچ ڪئي وڃي ٿي ،هنن چيو ته بارشن ۾ سم ناليون اوورٽاپ  ٿيڻ سبب ڪري هزارين ايڪڙن تي آباد زمينون پاڻي جي لپيٽ هيٺ اچي وڃن ٿيون جنهن سان ڪروڙين رپين جو نقصان پڻ ٿئي ٿو ،هنن چيو ته ڳوٺ شهباز رهاڻ ،36 چڪ ،ڳوٺ انب چانگ ،ڳوٺ حاجي امير بخش جمالي ،ڳوٺ رئيس بچل چانگ ،ڳوٺ مهراڻ چانگ ،46 چڪ ،56 چڪ ،احمد راڄو تباه ڪارين جو شڪار ٿيو ،ياد رهي ته امير شاهه سم نالي کي ڳوٺ امير بخش جمالي کان 80 فوٽن جو گهارو پڻ لڳل آهي جيڪو انتظاميه جي لاپرواهي سبب ڪري گذريل چار مهينن کان بند نه ڪرايو ويو آهي ۽ رستن جي ٻنهين پاسن کان ويندي سم نالن ۾ جهنگ به تمام آهي جنهن سبب ڪري علاقو خوف جي علامت بڻيل آهي. .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.