دادو ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

دادو ( ڊ ر )  دادو ڀر سان ڳوٺ اسماعيل خاصخيلي ۾ گهٽي جي لنگهه تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 6 ڄڻن کي مبينه ڳوٺ نيڪالي ڏيڻ جو خدا آباد پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻن پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن پريس ڪلب دادو ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جوابدارن منير، رشيد، غلام سرور، نظير، دوست علي خاصخيلي ۽ ٻين گهٽي جي لنگهه تان حملو ڪري گهر ۾ داخل ٿي ڪهاڙين ۽ ڏنڊن جا وار ڪري 5 ڄڻن قاسم، سوني، انور، علي حسن، علي گل کي زخمي ڪيو هڪ ڄڻو علي حسن مٿي ۾ ڪهاڙي لڳڻ سبب نوابشاه جي اسپتال ۾ زندگي موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي جوابدارن اسان کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي خدآباد پوليس واقعي جو ڪيس داخک نه پئي ڪري ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو.هنن آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.