گلگت ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ شگر مافيا استعمال ٿي: نثار کهڙو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) حڪومت مان ملڪ جي  عوام تنگ ٿي چڪو آهي مهانگائي ۽ معاشي بدحالين کان پريشان عوام نااهل حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي جنهن جو مثال گلگت بلتستان جون چونڊون آهن جنهن ۾ حڪمران  پارٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگھي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کان گھٽ ووٽ کنيا آهن، گلگت بلتستان ۾ عوام پاران رد ڪرڻ جي باوجود حڪومت ٺاهڻ لاءِ شگرمافيا کي استعمال ڪرڻ ۽ پي ڊي ايم جي جلسن تي پابندي هڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙي جيلاني هائوس ميرپورخاص ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي ڊويزنل صدر پيرآفتاب حسين شاهه جيلاني، سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهي، صغير قريشي، علي محمد سهتو، ناياب لغاري، نعمان شيخ، عبدالسلام ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.  هن چيو  ته وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ وقت کان جي اهم ضرورت بڻجي ويئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.