خيرپور ويجهو منظور وساڻ جي ڀاڻيجي جو سڙيل لاش هٿ، قتل جو شڪ، هڪ ڄڻو گرفتار

خيرپور/ڪنب/ڪوٽڏيجي (نمائندن وٽان) اڳوڻي صوبائي وزير  منظور حسين وساڻ ، سنڌ  جي وڏي وزير جو خاص معاون نواب علي خان وساڻ جو ڀاڻيجو ۽ پوليس چوڪي لونگ فقير جي انچارج اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي گذريل رات دير سان ويگو گاڏي ٽڪرائجڻ سبب گاڏي سڙي رک ٿي وئي، سڙيل ويگو مان بلاول وساڻ جو سڙيل لاش هٿ ڪرڻ ڪيو ويو آهي، شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سڙيل ويگو مان لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور مان ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ فوتي بلاول وساڻ جي وارثن جو چوڻ آهي ته  حادثو پلاننگ تحت پيش آيو آهي ،بلاول وساڻ کي سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور پاران ميڊيا بيان ۾ بلاول وساڻ حادثي تي شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي امير سعود مگسي جو چوڻ آهي ته لاش جا سيمپل ورتا ويا آهن، ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان شفاف جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد واقعي جون اصل حقيقتون عوام آڏو پيش ڪنداسين، هن چيو ته مان انڪوائري ٽيم 5 ماڻهن تي مشتمل ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ ميمبر مان پاڻ آهيان ڊي ايس پي سٽي ۽ ٻيا آفيسر  به آهن، شڪ جي بنياد تي بلاول وساڻ جي دوست سرفراز راجپوت جي پيءُ زاهد راجپوت کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻيا ماڻهو به ملوث هجن،وڌيڪ  جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ، وڏي وزير جي خاص معاون نواب خان وساڻ، ايم پي اي منور علي وساڻ، اڳوڻي ضلعي چيئرمين شهريار وساڻ ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين ڳوٺ نواب علي خان وساڻ پهچي بلاول وساڻ جي جنازي  نماز ۾ شرڪت ڪئي.  ٻي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خوب چند شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ظاهر ڪندي چيو ته بلاول وساڻ جون ٻانهون ۽ ڄنگهون ڪٽيل آهن، سندس مٿي جو ميڄالو به نڪتل آهي جنهن مان لڳي رهيو آهي ته بلاول وساڻ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي.

مقتول بلاول جي دوست سرفراز جي اوچتو غائب ٿيڻ بعد شڪ وڌي ويا

خيرپور: ذريعن موجب بلاول وساڻ ڪيس ۾ پيٽروليم ايسوسيئيشن خيرپور جي صدر زاهد حسين راجپوت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو  وڃي ته زاهد حسين راجپوت جو پٽ واقعي وقت بلاول وساڻ سان گڏ هيو، جيڪو پڻ واقعي کانپوءِ پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري پوليس شڪ جي بنياد تي زاهد راجپوت کي تحويل ۾ وٺي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  رابطو ڪرڻ تي پوليس تفصيل ٻڌائڻ کان لنوائڻ لڳي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته زاهد حسين راجپوت جا خيرپور ۾ هلندڙ پيٽرول پمپ به سيل ڪيا ويا آهن.

ڪوٽ بنگلو ۾ زاهد راجپوت جي پيٽرول پمپن تي ڀڃ ڊاهه، رينجرز مقرر

خيرپور:  خيرپور ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر نامعلوم ماڻهن پاران ڪوٽ بنگلو ۾ زاهد راجپوت جي پيٽرول پمپ تي ڀڃ ڊاھ  ڪئي وئي، جنهن بعد پوليس ۽  رينجرس جا اٽالا پهچي خيرپور ۽ ڪوٽ بنگلو شھر ۾ پيٽرول پمپن تي پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون.

پيپلزپارٽي ايم پي اي منور وساڻ سڙيل گاڏي ۾ بلاول جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي

خيرپور: شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ٿنڀي سان گاڏي ٽڪرائجڻ سبب گاڏي کي باهه لڳڻ بعد بلال وساڻ سڙي فوت ٿيو هو. جڏهن ته واقعي  واري هنڌ پ پ ايم پي اي منور وساڻ پهچي لاش جي سڃاڻپ بلال وساڻ طور ڪئي هئي. ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ هو علائقي واسين موجب واقعي وقت 2 ڄڻا فرار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.