ٽي ايل پي سان معاهدي جي قانوني حيثيت ناهي، رياست کي ٻچن لاءِ ڪمزور ٿيڻو پوي ٿو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي سرڪار يوٽرن وٺندي  ٽي ايل پي سان معاهدي جي قانوني حيثيت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته رياست کي پنهنجن ٻچن لاءِ ڪمزور ٿيڻو پوندو آهي.  ان سلسلي ۾ بي بي  سي موجب تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪندڙ ٽيم ۾ شامل نورالحق قادري چيو آهي ته معاهدي جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، اها ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ٿي سگهندي. بي بي  سي سان ڳالهائيندي نورالحق قادري چيو ته ٽي ايل پي سان معاهدي جي قانوني حيثيت ناهي، رياست کي ٻچن لاءِ ڪمزور ٿيڻو پوي ٿو. هن چيو ته ڳالهين ۾ فوج جو ڪو به نمائندو شامل نه هو باقي انهن ڌرڻو جلد ختم ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي. هن چيو ته سڀ کان وڏو ڊيڊ لاڪ فرانسيسي سفير کي نيڪالي جو هو. ٽي ايل پي کي ٻڌايو ويو ته فرانسيسي سفير کي نيڪالي سان ملڪ لاءِ مسلا کڙا ٿيندا. جڏهن ته ٽي ايل پي جو چوڻ آهي ته حڪومتي وفد چيو ته فرانس جي سفير جي نيڪالي ڪو مسئلو ئي ناهي. پير عنايت شاهه چيو ته حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته مجلس شوريٰ ۾ حڪمت عملي جوڙي ويندي. واضح رهي ته  ٽي ايل پي اتر پنجاب جي امير  پير عنايت شاهه کي ڳالهين لاءِ اڊيالا جيل مان ڪڍيو ويو. تجزئي نگات اهڙن معاهدن سان رياست ڪمزور ٿئي ٿي. طلعت حسين  جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڌڙي جي دٻاءُ ۾ اچي سفارتي پاليسيون جوڙيون ويون ته ڪهڙو مهذب ملڪ پاڪستان سان لاڳاپا رکندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.