ٽنڊي الهيار ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي قتل، سنڌ ۾ اڄ هڙتال جو اعلان

ٽنڊوالهيار  /حيدرآباد(رپورٽ: خميسو دائوداڻي+ عتيق ملاح )  ٽنڊوالهيار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي سول اسپتال حيدرآباد ۾ زخمن جا فوت  ٿي ويو، ايس ٽي پي پاران اڄ سڄي سنڌ پرامن شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، الطاف جسڪاڻي جي گاڏي تي ٽنڊوالهيار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ سندس گاڏي هڪ کاهي مان هٿ آئي، جنهن مان الطاف جسڪاڻي کي مقامي ماڻهن زخمي حالت ۾ ڪڍي ٽنڊو الهيار اسپتال پهچايو ويو، جتان بعد ۾ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو، جتي سندس آپريشن هلندڙ هو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته الطاف جسڪاڻي جو موت مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿيو، اطلاع ملڻ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سول اسپتال حيدرآباد پهتو، جڏهن ته ترقي پسند پارٽي جا ڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ اسپتال پهتا. سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته الطاف جسڪاڻي جو قتل انتهائي دردناڪ ۽ بي رحماڻو آهي، 15 نومبر تي اسين ڪراچي ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف ٿيندڙ مارچ ۾ الطاف جسڪاڻي مون سان گڏ اسٽيج تي موجود هو، هو هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن هو، 35 سال هن جو سياسي ڪيريئر هو. هن چيو ته ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ ۾ هڪ تحريڪ هلندڙ هئي ۽ ان تحريڪ ۾ الطاف جسڪاڻي هڪ بهادر ڪارڪن هو، ٽنڊو الهيار جي ماڻهن ۾ هن جو عزت، وقار ۽ تحفظ وارو احساس هو، ڪو به نسلي ۽ لساني دهشتگرد هن جي موجودگي ۾ ڪنهن سنڌي ماڻهو جي گهر، ملڪيت يا جان تي حملي ڪرڻ جي همت نه ڪندو هو، اهڙي ماڻهو کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قتل ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ پي ٽي آئي جو اڳواڻ اسلم رند شامل آهي، جنهن هڪ مهينو اڳ پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، الطاف جسڪاڻي جي واقعي کانپوءِ پوليس جڏهن انهن جي گهرن تي وئي ته هو هفتو اڳ گهر خالي ڪري وڪرو ڪري ٽنڊو الهيار ڇڏي فرار ٿي چڪا آهن، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هو پلاننگ ۾ هئا ته الطاف جسڪاڻي کي جڏهن به اڪيلو ڏسن ته هن تي حملو ڪن. هن چيو ته الطاف جڏهن گهران نڪتو ته هن وٽ ڪو به هٿيار ۽ سيڪيورٽي گارڊ گڏ نه هو، هو اڪيلو صبح جو گهران نڪتو هو، اها جاچ ڪرڻي آهي ته مخبر ڪير آهي. هن چيو ته الطاف جسڪاڻي کي رستي ۾ روڪي ٻڌڻ کانپوءِ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويهاري گاڏي کي گڏي ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. هن سڄي سنڌ جي عوام ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اڄ سڄي سنڌ ۾ پرامن شٽربند هڙتال ڪئي وڃي ۽ پنهنجو ڪاروبار بند رکيو وڃي، اسين ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهيون ٿا، پوليس کان اسان جو مطالبو هوندو ته جن به ماڻهن تي اسان جو شڪ آهي انهن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته الطاف جسڪاڻي جي جنازي نماز اڄ ٽنڊوالهيار ۾ صبح جو 9 وڳي ادا ڪئي ويندي. هوڏانهن الطاف جسڪاڻي جو مڙهه پوسٽ مارٽم ٽنڊو الهيار روانو ڪيو ويو، جڏهن ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ الطاف جسڪاڻي کي علاج جي لاءِ آڻڻ کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي

الطاف جسڪاڻي جي قتل بعد سنڌ جا اڪثر شهر بند، احتجاج

ڪراچي /حيدرآباد )نمائندن وٽان ) الطاف جسڪاڻي جي قتل واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سجاول جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، جزوي طور تي ضلعي سجاول جا سمورا شهر بند ٿي ويا، ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران اڄ شٽر بند هڙتال ڪري عوام کي ڪاروبار بند رکڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ميرپور ساڪرو ۾ به ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاج ڪري اڄ هڙتال جي اپيل ڪئي وئي آهي. ميرپوربٺورو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن الطاف چانڊيو، زين شاهه، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نوابشاهه، گهارو ۽ فريد آباد ۾ به ڪارڪن روڊ تي نڪري آيا. ڪوٽڙي ۾ به ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا، جڏهن ته مٺي ۾ به ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو ۽ ٻين الطاف جسڪاڻي جي قتل جي مذمت ڪئي آهي.

پوليس جا مختلف علائقن ۾ ڇاپا، 7 کان وڌيڪ شڪي گرفتار

ٽنڊو الهيار: ٽنڊوالهيار پوليس پاران گرفتارين جو سلسلو شھر جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڇاپا هڻي 7 کان مٿي ماڻهن کي  حراست ورتو آهي، ايس ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار احمد کھاوڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، قانون جي ھوندي ڪنهن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت ناهي، مقتول الطاف جسڪاڻي جي وارثن اڃان تائين پوليس سان رابطو ناهي ڪيو، ھن واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون قاتلن کي ضرور گرفتار ڪنداسون.

قادر مگسي ۽ ٻيا حيدرآباد اسپتال پهچي ويا، ڪارڪنن جي نعريبازي

حيدرآباد: ايس ٽي پي جي مرڪزي نائب صدر الطاف جسڪاڻي تي حملي جي خبر سڄي سنڌ ۾باهه جيان پکڙجي وئي. حيدرآباد اسپتال ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻيا اڳواڻ پهتا. ان موقعي تي ڪارڪن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.

الطاف جسڪاڻي ٻٽي مڪاني نظام ۽ ٻيٽن خلاف جدوجهد ۾اهم ڪردار ادا ڪيو

ٽنڊوالھيار: الطاف جسڪاڻي پنھنجي سياست جي شروعات شاگردي واري دور کان ڪئي، ھو  زندگي جو وڏو عرصو سنڌ ترقي پسند پارٽي سان لاڳاپيل رھيو ۽ مرڪزي وائس چئرمين جي عھدي تي رھيو،  الطاف جسڪاڻي پرويز مشرف جي ايمرجنسي دوران احتجاج ڪيو ۽ اڪبر بگٽي جي مارجڻ  وقت به سخت سختين باوجود احتجاجي مظاھرو ڪيو.الطاف جسڪاڻي ڪالا باغ ڊيم،  ٻٽي مڪاني نظام ۽ آدم شماري  مھم سميت ٻيٽن جي مالڪي واري مامري تي سدائين اڳڀرو رھيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.