ٻيٽ سنڌ حڪومت پنهنجي مرضِيءَ سان وفاق حوالي ڪيا : فردوس شميم نقوي

سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ حڪومت پنهنجي مرضِيءَ سان وفاق حوالي ڪيا آهن، وفاق انهن  ٻيٽن کي آباد ڪري ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ٿو چاهي،  اهو روزگار سنڌ جي ماڻهن کي ڏيڻ ٿاچاهيون،  ٽنڊوآدم ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ خادم جماليءَ جي رهائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي جو وڌيڪ چوڻ هوته مڃون ٿا ته ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر آيل آهي پر مهانگائيءَ جي سبب تي به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ، هن چيو ته اپوزيشن وارا ڪامياب ٿين ته اليڪٽيڊ ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا ڪامياب ٿين ته سليڪٽيڊ ٿا چون،  ان موقعي تي ايم پي اي ديوان  سچا نند ، ايم پي اي ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي ، صدام حسين ڪنڀر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.