نواز شريف جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقرير ٽي وي تي نشر ڪرڻ تي پابندي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

عدالت ۾ پيمرا طرفان نواز شريف جي تقرير ٽي وي تي ڏيکارڻ تي پابندي خلاف داخل درخواست ۾ وفاق کي سيڪريٽري اطلاعات ذريعي ۽ پيمرا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

هيومن رائٽس ڪميشن، پي ايف يو جي ۽ ٻين طرفان بئريسٽر سلمان اڪرم راجا جي معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ پيمرا جي پهرين آڪٽوبر جي حڪم نامي کي چئلينج ڪيو ويو آهي.

درخواستگذارن موجب اليڪٽرانڪ ميڊيا تي غير آئيني ۽ غير قانوني پابندي هنئي وئي آهي، اهي حڪم آئين جي آرٽيڪل 19 اي سان ٽڪراءُ آهن، جيڪو شهرين کي اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ جي فراهمي جو حق فراهم ڪري ٿو.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عدالت پيمرا جو پهرين آڪٽوبر جو حڪم نامو غير قانوني قرار ڏئي ۽ ڌرين کي اڳتي اهڙي قسم جا حڪم جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.