شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، ڇِت ڪرڻ سبب 8 ڄڻا فوت، 40 کان مٿي زخمي

 

ڪرم (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرم جي علائقي پارا چنار ۾ شادي تقريب دوران ڪچي گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 8 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب پارا چنار جي علائقي پيواڙا ۾ گهر اندر شادي تقريب جاري هئي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ هئا ته اوچتو گهر جي ڇِت ڪري پئي.

اختيارين موجب ڇت جي ڍير ۾ دٻجي 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو اختيارين امدادي ڪارروائين ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڍير مان ڪڍي ورتو، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي.

اختيارين موجب زخمين ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.