سنڌ حڪومت اسڪول بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪول بند نه ڪرڻ اسان جو ضد ناهي، جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته اسڪول بند ڪري سگهجن ٿا.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سڄي ملڪ ۾ قدم کڻڻا پوندا، اسڪولن کي فوري طور بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو پر اسڪول بند نه ڪرڻ اسان جو ضد ناهي، جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته اسڪول بند ڪري سگهون ٿا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعيد غني چيو هو ته ڪورونا وائرس سبب اڳ ئي معمول کان وڌيڪ موڪلون ٿي چڪيون آهن، تنهن ڪري هن سال سياري جون موڪلون نه ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.