آرمي چيف سان قطري فضائيا سربراهه جي ملاقات

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان قطر اميري ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل سليم حماد آلنابت ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ پيشيوراڻن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه سان پاڪستان جي دوري تي آيل قطر اميري ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل سليم حماد آلنابت ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته ملاقات ۾ پيشيوراڻن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، پاڪ فوج دفاعي شعبي ۾ قطر جي هٿياربند فوجن سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب قطري فضائيا جي سربراهه به علائقائي امن ۽ سلامتي ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جي تعريف ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.