اسٽيٽ بئنڪ ملڪي معيشت بابت سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان معيشت بابت سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

مرڪزي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ڏکيا پر ضروري معاشي استحڪام جا فيصلا ڪيا ويا، مالي سال جي آخري ٽن مهينن ۾ ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن سان معاشي سرگرميون متاثر رهيون ۽ اوسر 52 سالن کانپوءِ ڪاٽو ٿي.

رپورٽ موجب 9 مهينن ۾ حاصل ڪيل استحڪام سبب وبا دوران ڪاروبار ۽ گهراڻن کي سپورٽ فراهم ڪئي وئي، جنهن تحت وبا دوارن هڪ ڪروڙ 48 لک گهراڻن کي ايمرجنسي روڪ رقم فراهم ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 3 مهينن ۾ وياج جي شرح 6.25 سيڪڙو گهٽ ڪئي وئي ۽ حڪومتي قرضن جو ڪاٿو جي ڊي پي جو هڪ ڏهائي هڪ سيڪڙو تائين محدود رکيو ويو.

اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب معيشت جو موجوده رُخ ڪورونا کان اڳ جي طرز تي آهي ۽ مستقبل ۾ اڳڀرائي عالمي صورتحال تي ڀاڙي ٿي، جڏهن ته ويڪسين جون خبرون حوصلو ڏيندڙ آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته معيشت جي ڍانچي ۾ موجود خرابيون ختم ڪري مسابقت کي وڌايو وڃي، ملڪ جي مالياتي عدم توازن جو وڌيڪ پائيدار حل ضروري آهي، ٽيڪس آمدني وڌائي غير ٽيڪس اوڳاڙين تي گهٽ ڀاڙڻو پوندو ۽ ايف اي ٽي ايف تي ڪيل اهم اڳڀرائي کي برقرار رکڻو پوندو، جڏهن ته توانائي شعبي جي قيمت، انفرا اسٽرڪچر ۽ نظم و نسق جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر کي ترقي ڏئي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.

رپورٽ موجب ايندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي اوسر ڏيڍ کان اڍائي سيڪڙو رهڻ ۽ مهانگائي جي سراسري شرح هلندڙ مالي سال ۾ 7 کان 9 سيڪڙو رهڻ جا اندازا آهن، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 1 کان 2 سيڪڙو رهڻ جا اندازا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.