سنڌ دشمن صدارتي آرڊيننس واپس وٺو:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي فوري طور تي ختم ڪري  سنڌ دشمن صدارتي آرڊيننس رد ڪيو وڃي. 13 سالن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ کي مسئلستان بنائي ڇڏيو آھي، لکين ماڻھو ھيپاٽائٽس ۾ مبتلا آھن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، اسڪول، اسپتالون تباھ آھن، روڊ ٺھيل ناھن سڄي سنڌ جا ننڍا وڏا شھر گندگي ۽ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، نون شھرن جو ڊرامو ڪري سنڌ تي حملا ڪرڻ بدران اڳ ۾ موجود شھرن لاءِ ترقياتي منصوبا ڏنا وڃن. آئيلينڊ اٿارٽي ۽ ٻيٽن تان وفاق جو قبضو ختم ٿيڻ تائين خاموش نہ ويھنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. غريب کان غريب ٿي رھيو آھي. ۽ امير اڳ کان امير ٿي رھيو آھي. معاشي پاليسيون مزدور ۽ ھاري دشمن آھن. زراعت جي تباھي سنڌ کي غربت جي گھاڻي ۾ وجھي ڇڏيو آهي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناهي حڪمران سنڌ جي عوام سان غلامن وارو سلوڪ بند ڪن. سنڌ جو گئس، پئٽرول، ڪوئلو ، معدنيات ۽ ٻيا وسيلا سنڌ جي ملڪيت ۽ ڪمائي آهن، انهن تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو آهي، سنڌ سڄي ملڪ کي هلائي ٿي پر سنڌ جا پنهنجا ٻچا لٽيل، ڦريل، لاوارث ۽ بي يارومددگار بنجي ويا آهن اها حڪومت جي بي حسي آهي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.