لاڙڪاڻي جا کنڀيل نوجوان آزاد نه ٿيا، وارث سراپا احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺ مان کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوان ڀائرن شيراز احمد سومرو ۽ فراز احمد سومرو جي آزاديءَ لاءِ سندس پيرسن امڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن  صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجا نوجوان پٽ شيراز احمد سومرو ۽ فراز احمد سومرو ڪجهه عرصو اڳ لڏي ڪراچي جي خانگي گارمينٽ فئڪڙي ۾ ملازمت ڪري گهر جو خرچ هلائيندا هئا جن کي گذريل 23 آگسٽ جي ڏينهن ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺ مان کنڀي گم ڪيو ويو، سندن جي کنڀجڻ کي ٽي مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن پر هن وقت تائين انهن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري اسين سمورا گهر ڀاتين سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان پٽن شيراز احمد سومرو ۽ فراز احمد سومرو کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.