لاڙڪاڻي مان سرڪاري ڪڻڪ بلوچستان، افغانستان اسمگل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ خوراڪ کاتي جي نااهلي، ڪامورن جي ملي ڀڳت جي ڪري سرڪاري طرفان اعلانيل ڪڻڪ سنڌ جي ٻين شهرن  توڙي بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان ۾ سپلاءِ ٿيڻ لڳي آهي. جڏهن ته سرڪاري اگهه 36 رپيا  في ڪلو واري ڪڻڪ لاڙڪاڻي شهر ۾ غريب شهرين کي 65 کان 70 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري ڏني پئي وڃي، لاڙڪاڻي مان سرڪار طرفان اعلانيل ڪڻڪ ٽي لک ٻوريون 15 آڪٽوبر کان 30 فيبروري تائين ڏيڻي آهي جيڪي ڪڻڪ لاڙڪاڻي جي گدامن ۾ ٽرڪون ڀرجي اچڻ بعد غائب ٿيڻ لڳي آهي ۽ بعد ۾ ساڳي ڪڻڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي جنهن سان لاڙڪاڻي شهر جو غريب عوام مجبورن 36 رپيا في ڪلو بجاءِ 65 کان 70 رپيا في ڪلو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، شاهه محمد شاهه، خان محمد ڀٽي، مير حسن ڪورائي ۽ ٻين چيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪڻڪ جا اگهه هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ ۾ غريب عوام لاءِ هڪ وڏي مصيبت جو سبب بڻجي ويو، هنن چيو ته پوري ملڪ ۾ پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪڻڪ وڪرو ٿيندڙ ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪڻڪ ۾ ڏينهن رات جو واضع فرق آهي، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪڻڪ ۾ خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير جو پي ايس خيام، ڊائريڪٽر ڪراچي خالد قائم خاني، خوراڪ کاتي ڪراچي جي اسسٽنٽ طارق ابڙو طرفان پسند ناپسند ۽ اقربا پروري تحت لاڙڪاڻي شهر جي فلور مل مالڪ ۽ واپارين ٻين سان ملي ڪري سرڪاري سطح تي ملندڙ ڪڻڪ کي پنهنجن من پسند اگهن تي هلائي غريب عوام سان نسورو ناحق ڪري رهيا آهن غريب ماڻهن کي سرڪاري طور تي اعلانيل ڪڻڪ مان ڪو به رليف نه ٿو ملي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.