تنگواڻي ۾ جوابدار سپر اسٽور جا تالا ٽوڙي لکن جو سامان کڻي ويا

تنگواڻي(ن ع آ ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد شهر جي مين بازار مان رات جو نامعلوم چورن بابن ملڪ جي جنرل اسٽور دڪان جو شٽر ٽوڙي دڪان ۾ پيل 2لک روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا دڪان جي مالڪ بابن ملڪ ٻڌايو تہ دڪان جو شٽر ٽوڙي دڪان ۾ پيل روڪ اٽڪل 2لک روڪ رقم ۽ سامان چوري ڪري ويا.

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ وڪيل جي اڳوڻي گهر واري طرفان پوليس خلاف احتجاج ڪندي ايس ايڇ او مٿان ڌر بڻجي ڪيس بي  ڪلاس ڪرڻ جو الزام لڳائي انصاف جي گهر ڪئي جڏهن ته ايس ايڇ او طرفان الزامن کي رد ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي لُهر ڪالوني جي رهواسڻ طلاقيل عورت ماهين مغل پنهنجي ٽن ٻارڙن منتظر مهدي، منظر مهدي، حسنين مهدي، پيءُ قمبر علي، امڙ زاهده خاتون ۽ ڀائرن سان گڏجي سول لائين ٿاڻي ٻاهريان پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.  ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مون وڪيل آصف چانڊيو کان 18 سيپٽمبر تي فيملي ڪورٽ ذريعي طلاق ورتي هئي جنهن تي آصف چانڊيو ٻارن سان ملاقات لاءِ درخواست داخل ڪرائي ۽ 2 نومبر تي آصف چانڊيو ميٽنگ روم ۾ پٽن منتظر مهدي، منظر مهدي ۽ حسنين مهدي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن ٽنهي پٽن کي تشدد جو نشانو بڻايو اسان طرفان منع ڪرڻ تي آصف، سندس پيءُ محمد خان ۽ ڀاءُ لطف چانڊيو مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي تشدد جو نشانو بڻايو اهڙي واقعي جو ڪيس منهنجي پيءُ قمبر مغل جي فرياد تي سول لائين ٿاڻي تي داخل ٿيو. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او سول لائين عبدالغفور ڇٽو آصف وارن کان 40 هزار روپيا رشوت وٺي ڪيس بي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته آصف چانڊيو سندس پيءُ ۽ ڀاءُ سميت ايس ايڇ او سول لائين عبدالغفور ڇٽو خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي، پوليس طرفان جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته فريادي واقعي واري هنڌ موجود نه هيو وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.