ڪڪڙ ۾ کنڀي گم ڪيل دودو چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

ڪڪڙ ( ن ع آ ) کنڀي گم ڪيل پورھيت نوجوان ٽيڪسي ڊرائيور دودو چانڊيو جي آزادي  لاءِ وارثن پاران 27  ڏينھن به ڄام چانڊيو،  احسن چانڊيو، حسنين علي مقبول سميت ٻين  جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ کڻي ميڊيا آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو جاري رکيو، ان موقعي تي ڄام خان چانڊيو چيو آھي ته دودوچانڊيو کي 5 مھينا اڳ خانپور مان ڏينھن ڏٺي جو ٽيڪسي اسٽاپ تان بي گناھ کنڀيو ويو، ھاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾  گم ٿيل ڀاءُ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي آھي جن کي 2  ھفتا گذري چڪا آھن پر ڪڪڙ پوليس ڄاتل ماڻھن تي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي جيڪا عدالت جي توھين برابر آھي اسين نوجوان ڀاءُ جي آزادي لاءِ گذريل 27 ڏينھن کان پر امن  احتجاج ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر انصاف ن ٿو ملي، هن وڌيڪ چيو ته  ڀاءُ جو ڪنھن به قومپرست پارٽي سان تعلق ڪونھي،چيف جسٽس نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.