سکر ميونسپل ڪارپوريشن ايڊمنسٽريٽرمسئلن جي حل بدران اڳوڻي ميئر جي غلامي ۾ مصروف آهي: محمد جاويد ميمڻ

سکر(رپورٽر) سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ايڊمنسٽريٽر شهري مسئلن جي حل جي بجاءِ چونڊيل نمائندن ۽ اڳوڻي ميئر جي غلامي ۾  مصروف آهي، جنهن جي ڪري شهري مسئلا تيزي سان وڌي رهيا آهن، ميونسپل ايڊمنسٽريٽر سياسي نمائندن جي غلامي مان نڪري ڪري شهري مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي نه ته ٻئي صورت ۾ ان جي خلاف احتجاجي لائحه عمل مرتب ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ايس ڊي اي اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، غلام مصطفي ڦلپوٽو، محمد رضوان قادري، شهزادو ڀٽو، حافظ شريف ڏاڏا، آغا آغا محمد اڪرم ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.

ڏوڪري ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان عظيم الشان پروگرام

ڏوڪري (ت ر) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ هڪ عظيم الشان  پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردن جي وچ ۾ تقريري مقابلو ڪرايو ويا ۽ علائقي جي مشهور نعت خوان پڻ پنهنجي شيرين زبان ۾ نعتون پيش ڪيو. جڏهن ته سيرت پاڪ تي شاگردن تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو جن ۾ عبدالقدير، سنگھار پيرزادو ، شبير ابڙو، بابر علي ٻُٽ، غلام رحيم جوڻيجو، ملهار پيرزادو ۽ ريحان پيرزادو، شامل هئا تقريري مقابلي ۾ ڪلاس انٽر جي شاگرد ملهار پيرزادو پهرين پوزيشن حاصل ڪري داد ورتو، ٻي پوزيشن ۾ انٽر جو شاگرد شيراز علي پيرزادو ۽ ٽين پوزيشن ۾ ڪلاس يارهين جي شاگرد ريحان علي پيرزادي حاصل ڪيو،   جن کي شليڊون پڻ ڏنيون ويون. پروگرام کي هلائڻ لاءِ پروفيسر جوڻيجو سائين بخش قبولائي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائضن سرانجام ڏنا. ان کان علاوه نعت شريف پڙهندڙن ۾ نعت خوان عبادالله قادري اسدالله قادري،علي احمد شامل هئا. آخر ۾ پروفيسر حافظ محمد آريجي صاحب نبي پاڪ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سيرت پاڪ تي روشني وڌي ۽ درود پاڪ جي فضيلتن بابت پڻ آگاه ڪيو. هن پروگرام ۾ ڪاليج جي سپريٽنڊنٽ عاشق علي لاکير، نان ٽيچنگ اسٽاف ۽ ڪاليج جا پروفيسرس پروفيسر گلاب سومرو، پروفيسر فياض حسين گاڏهي، پروفيسر شڪيل احمد پٽ، پروفيسر ياور حسين ٻٽ، پروفيسر منير احمد مغيري، رياض حسين قريشي، پروفيسر عبدالمجد آريجو، ۽ ٻيا شامل هئا.

نئين ديري جي امام بارگاهه ۾ جشن عيد ميلاد جي حوالي سان تقريب

نئون ديرو (ن ع آ) نئون ديرو شهر جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ ميلاد ڪاميٽيءَ  پاران جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جوش، جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ميلاد جي محفل ۾ ناصرالدين شاهه راشدي، سيد ياسرالدين راشدي، حافظ نظر محمد، آصف علي خروس، نثار احمد ميراڻي، رفيق احمد شاهاڻي سميت عاشقان رسول وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  جشن ميلاد تقريب ۾ مشهور نعت خوانن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ نعت رسول مقبول پيش ڪيا ته ميلاد جي محفل مرحبا يا مصطفيٰ، آقا جي آمد مرحبا جي نعرن سان گونجي وئي. جڏهن ته جشن آمد رسول صلي الله عليه وسلم تقريب ۾ حضور اڪرم جو شان بيان ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.